ديوان محسن تتوي

ديوان محسن تتوي

ديوان محسن تتوي

ديوان محسن تتوي (ڪتاب): هي ديوان، محمد محسن ٺٽويءَ جي فارسي ڪلام جو مجموعو آهي، جنهن کي محمد حبيب الله راشديءَ مرتب ڪيو آهي. محمد محسن ٺٽويءَ جي سوانح تي هڪ تفصيلي مقدمو پڻ محمد حبيب الله لکيو آهي. محمد محسن ٺٽويءَ حروف تهجيءَ (الف ب ترتيبوار) مطابق غزل چيا آهن.
محسن ٺٽويءَ جي ولادت ٺٽي ۾ ٿي، پر هن جي ولادت جي سن بابت تاريخ خاموش آهي. سنڌ جي هن نامور شاعر 20 شوال 1163هه/11 سيپٽمبر 1750ع تي ٺٽي ۾ 42 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ديوان محسن ۾ غزلن کانپوءِ 31 قصيدا موجود آهن، جن ۾ نعت، حضرت علي عليه السلام جي شان ۾ قصيدا، امام حسين عليه السلام جي شان ۾ قصيدا، امام مهدي عليه السلام جي شان ۾ قصيدا، نادر شاهه افشار، ميرڪ محمد احسن پوراني، تقي محمد خان، ميان نور محمد خان ڪلهوڙي، لطف الله متاري، ميان مراد ياب خان ۽ صادق علي خان جي شان ۾ قصيدا چيل آهن. ديوان ۾ ست ترڪيب بند، ٻارهن مخمس، هڪ مربع مرثيو، اٺ مثنويون، 28 مختلف واقعن تي قطعه تاريخون ۽ 46 رباعيون شامل آهن. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 650 صفحن تي مستمل هي فارسي ’ديوان محسن‘ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1963ع ۾ شايع ڪرايو. محمد حبيب الله راشديءَ، محمد محسن ٺٽويءَ جي سوانح تي 150 صفحن تي مشتمل تفصيلي مقدمو لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو